ماتلي۽ ٽنڊي آدم ۾ پوليس غير قانوني طور ترسيل پرڏيهين خلاف ڪارروائي ڪري ٻن افغان شهرين سميت چئن شڪي ماڻهن کي گرفتار ڪيو آهي ،جن خلاف ڪيس داخل ڪيا ويا آهن

tando adam

ماتلي۽ ٽنڊي آدم  ۾ پوليس غير قانوني طور ترسيل پرڏيهين خلاف ڪارروائي ڪري ٻن  افغان شهرين سميت چئن شڪي ماڻهن  کي گرفتار ڪيو آهي ،جن خلاف ڪيس داخل ڪيا ويا آهن .

 ماتلي پوليس شهر جي باءِ پاس روڊ وٽ ڇاپو هڻي خدا داد  پٺاڻ کي گرفتار ڪيو .

ماتلي پوليس جو چوڻ آهي ته گرفتار ڪيل خدا داد افغاني شهري آهي ۽ ماتلي ۾ غير قانوني طور ترسيل هو .

 ماتلي پوليس  جوابدار خلاف فارين ايڪٽ هيٺ ڪيس داخل ڪيو آهي.

ٽنڊو غلام علي ۾ پوليس ٽن ڄڻن سليمان خان ،حميد شاه ۽ انعام الله کي گرفتار ڪيو آهي ٽنڊو غلام علي پوليس موجب انعام الله افغاني شهري آهي  جڏهن ته باقي ٻن ڄڻن جو تعلق خيبر پختونخواهه سان آهي.

 پوليس  جو چوڻ آهي ته انعام الله خلاف فارين ايڪٽ هيٺ ڪيس داخل ڪيو ويو آهي…….

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*