عوامي مسلم ليگ جي سربراهه شيخ رشيد چيو آهي ته گهڻ پارٽي ڪانفرنس دوران آصف زرداري چيو ته هو نواز شريف سان گڏ نه آهي

shaikh rasheed

عوامي مسلم ليگ جي سربراهه شيخ رشيد چيو آهي ته گهڻ پارٽي ڪانفرنس دوران آصف زرداري چيو ته هو نواز شريف سان گڏ نه آهي.

اسلام آباد ۾ لاهور روانگي کان اڳ ميڊيا سان ڳالهائيندي شيخ رشيد چيو ته اسان کي مائينس ون چوندڙ نواز شريف ۽ شهباز شريف پنهنجي ميچ خراب ڪرڻ پيا وڃن.

شيخ رشيد چيو ته لاهور ۾ ميچ ڪرائڻ جو ڪريڊٽ سمورن ادارن ڏانهن وڃي ٿو ۽ هو دهستگردي خلاف ميچ ڏسڻ لاءِ لاهور وڃي رهيو آهي.

شيخ رشيد چيو ته هو پشاور زلمي جو سپورٽر آهي، وٽس ٻه ٽڪيٽون آهن، پر اڃا فيصلو نه ڪيو آهي ته 8 هزارن واري ٽڪيٽ استعمال ڪريان يا 500رپين واري.

شيخ رشيد چيو ڪانفرنس دوران آصف زرداري کان واضح طور سوال ڪيو ته هو نواز شريف سان گڏ آهي يا نه جنهن تي هن وراڻيو هو نواز شريف سان گڏ نه آهي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*