ڪراچي جي علائقي انڊسٽريل ايريا ۾ سي ٽي ڊي جي ڪارروائي ۾ هڪ دهشتگرد مارجي ويو ۽ چئن کي گرفتار ڪيو ويو

khi cctd karwai

ڪراچي جي علائقي انڊسٽريل ايريا ۾ سي ٽي ڊي جي ڪارروائي ۾ هڪ دهشتگرد مارجي ويو ۽ چئن کي گرفتار ڪيو ويو، آءِ جي سنڌ پاران سي ٽي ڊي ٽيم لاءِ 10 لک رپيا انعام جو اعلان ڪيو ويو آهي.

سي ٽي ڊي موجب ڪورنگي انڊسٽريل ايريا ۾ دهشتگردن جي موجودگي واري ڳجهي اطلاع تي ڇاپي دوران دهشتگردن فائرنگ ڪري ڏني.

سي ٽي ڊي موجب جوابي فائرنگ ۾ هڪ دهشتگرد دلدار عرف چاچا مارجي ويو، جڏهن ته چئن دهشتگردن کي گرفتار ڪيو ويو آهي.

سي ٽي ڊي انچارج راجا عمر خطاب چيو ته دهشتگردن جي قبضي مان بارود ۽ هٿيار هٿ ڪيا ويا آهن.

هن چيو ته مارجي ويل دهشتگرد جو دلدار عرف چاچا نعيم بخاري جي سليپر سيل جو امير هو ۽ دهشتگرد ڪارروائين ۾ ملوث هو.

آءِ جي سنڌ اي ڊي خواجا ڪارروائي ۾ حصو وٺندڙ سي ٽي ڊي اهلڪارن لاءِ 10 لک روپين جو اعلان ڪيو آهي.

اي ڊي خوجا جو چوڻ آهي ته سي ٽي ڊي وقتائتي ڪارروائي ڪري ڪراچي کي وڏي تباهي کان بچايو آهي.

آءِ جي سنڌ موجب مارجي ويل دهشتگرد ڪيترن ئي ڪيس ۾ گهربل هئا، جن جو تعلق پابندي مڙهيل تنظيم لشڪر جهنگوي سان آهي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*