سپريم ڪورٽ سنڌ جي قانون ۽ آبپاشي واري سيڪريٽري کي هٽائي سڀاڻي تائين ٻنهي کاتن ۾ ڪيڊر آفيسرن کي سيڪريٽري طور مقرر ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو

Supreme-Court-27117

سپريم ڪورٽ سنڌ جي قانون ۽ آبپاشي واري سيڪريٽري کي هٽائي سڀاڻي تائين ٻنهي کاتن ۾ ڪيڊر آفيسرن کي سيڪريٽري طور مقرر ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو، جسٽس امير هاني مسلم ريمارڪس ڏنا آهن ته نااهل آفيسر کاتن ۾ مقرر ٿيندا ته اهڙو ئي ڪم ٿيندو، گذريل سال منڇر تي آر او پلانٽ لڳائڻ جو حڪم ڏنو هو، جنهن تي اڃا تائين عمل نه ٿيو آهي.

سپريم ڪورٽ ڪراچي رجسٽري ۾ جسٽس امير هاني مسلم جي سربراهيءَ ۾ 3 رڪني بئنچ منڇر ڍنڍ کي گدلاڻ کان پاڪ ڪرڻ واري ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي، جنهن دوران ايڊووڪيٽ جنرل سنڌ عملدرآمد رپورٽ پيش ڪئي.

ايڊووڪيٽ جنرل سنڌ جي رپورٽ ۾ چيو ويو ته آر او پلانٽس لڳائڻ وارو ڪم آبپاشي کاتي حوالي ڪيو ويو هو، پبلڪ هيلٿ انجنيئرنگ جي رولز آف بزنس جو ڪم به مڪمل ڪيو ويو آهي.

سپريم ڪورٽ آبپاشي کاتي ۾ ڪيڊر آفيسر مقرر نه ڪرڻ تي سخت ڪاوڙ جو اظهار ڪندي ريمارڪس ڏنا ته آبپاشي سيڪريٽري به اهڙي شخص کي لڳايو ويو آهي، جنهن جو اهو شعبو ئي نه آهي.

جسٽس امير هاني مسلم چيف سيڪريٽري کان پڇاڻو ڪيو ته ڇا اوهان وٽ اهل آفيسرن جي کوٽ آهي؟

سپريم ڪورٽ سنڌ جي قانون ۽ آبپاشي واري سيڪريٽري کي هٽائي سڀاڻي تائين ٻنهي کاتن ۾ ڪيڊر آفيسرن کي سيڪريٽري طور مقرر ڪري سڀاڻي نوٽيفڪيشن پيش ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي…..

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*