واپڊا هائيڊرو يونين جي سڏ تي واپڊا ملازمن پاران مطالبن جي مڃتا لاءِ مختلف شهرن ۾ مظاهرا ڪيا ويا آهن

wapda mulazim

واپڊا هائيڊرو يونين جي سڏ تي واپڊا ملازمن پاران  مطالبن جي مڃتا لاءِ مختلف شهرن ۾ مظاهرا ڪيا ويا آهن.

محرابپور،راڌڻ،دادو ۽ خيرپور ناٿن شاهه  ۾ واپڊا ملازمن ڪم بند ڪري آفيسن اڳيان مظاهرا ڪيا .

راڌڻ ۾ واپڊا ملازمن هٿن ۾ بينر ۽ پلي ڪارڊ کڻي سب ڊويزنل آفيس اڳيان مظاهرو ڪري محمد عيسيٰ سومرو ۽حاڪم جلال جي اڳواڻي ۾ ڌرڻوهنيو.

خير پور ناٿن شاهه ۾ واپڊا ملازمن ظهير گاڏهي ۽محمد قاسم چانڊيو جي اڳواڻي ۾ ايوان صحافت اڳيان  مظاهرو ڪيو.

محرابپور ۾ سيپڪو ملازمن واپڊا آفيس اڳيان  ڌرڻو هنيو .

هوڏانهن دادو ۾ پڻ واپڊا ملازمن مطالبن جي مڃتا لاءِ ڌرڻو هنيو.

احتجاج ڪندڙن چيو ته  ننڍن ملازمن کي جبري رٽائرڊڪرڻ کان علاوه سندن جبري بدليون ڪيون ويون آهن.جيڪي رد ڪيون وڃن۽ جبري رٽائر منٽ جا آرڊر واپس ورتا وڃن.

ملازمن چتاءُ ڏيندي چيو ته ننڍن ملازمن جي بدليون ردڪرڻ ۽ ٻين مطالبن جي مڃتا تائين احتجاج جاري رهندو

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*