سينٽ ۽ قومي اسيمبلي جا اجلاس اڄ ٿيندا، اجلاس کان اڳ اپوزيشن پارٽين جي اجلاس ۾ فوجي عدالتن جي قيام ۾ واڌ جي لاءِ قانون سازي تي بحث ڪيو ويندو

national assembly
سينٽ ۽ قومي اسيمبلي جا اجلاس اڄ ٿيندا، اجلاس کان اڳ اپوزيشن پارٽين جي اجلاس ۾ فوجي عدالتن جي قيام ۾ واڌ جي لاءِ قانون سازي تي بحث ڪيو ويندو.

سينٽ جو اجلاس چيئر مين ميان رضا رباني جي صدارت هيٺ اڄ 3 وڳي شروٿ ٿيندون جنهن ۾ مختلف ڪميٽين جي رپورٽس ۽ پيپلز پارٽي جي سينيٽر پاران ڊونلڊ ٽرمپ پاران جاري هڪ بيان ۾ لفظ اسلامي دهشتگردي استعمال ڪرڻ تي قرارداد پيش ڪئي ويندي.

قرارداد ۾ مطالبو ڪيو ويندو ته ان حوالي سان پاڪستان ۾ مقرر آمريڪي سفير کي خدشن کان آگاهه ڪيو ويندو.

قومي اسيمبلي جو اجلاس اسپيڪر اياز يادق جي صدارت هيٺ 4 وڳي شروع ٿيندو.

اجلاس ۾ پيپلز پارٽي طرفان ملڪ جي مختلف حصن ۾ سوئي گيس جا نوان ڪنيشن ڏيڻ ۾ جانبداري بابت ڌيان ڇڪايو نوٽيس تي بحث ڪيو ويندو.

سينٽ اجلاس کان پهرين 2 وڳي  سنٽ ۾ گڏيل اپوزيشن جو اجلاس سينيٽر چوڌري اعتزاز احسن جي سربراهي ۾ ٿيندو، جنهن ۾ فوجي عدالتن جي قيام ۾ واڌ جي حوالي سان اپوزيشن جي حڪمت عملي جوڙي ويندي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*