وزير اعظم نوازشريف ٻن ڏينهن جي سرڪاري دوري تي ڪويت روانو ٿي ويو آهي

pm azarbijan

وزير اعظم نوازشريف ٻن ڏينهن جي سرڪاري دوري تي ڪويت روانو ٿي ويو آهي.

وزير اعظم نواز شريف ڪويت جي  امير شيخ صباح احمد الجبار الصباح  جي دعوت تي 2 ڏينهن واري دوري تي ڪويت روانو ٿي ويو، دوري ۾ وزير اعظم ڪويتي سرمائيڪارن ۽ واپارين سان خطاب ڪندو.

 وزير اعظم دوري دوران ڪويتي قيادت سان ملاقات ڪري عرب ملڪن سميت خطي ۾ رابطن جي بحالي لاءِ پاڪستان جي ڪردار تي روشني وجهندو.

پنهنجي دوري ۾ وزير اعظم نواز شريف ڪويت جي وزير اعظم ۽ پارليامينٽ جي اسپيڪر سان ملاقاتون پڻ ڪندو.

وزير اعظم نواز شريف سان ڪويت جي دوري تي وفاقي وزير شاهد خڪان عباسي، چيئرمين سرمائيڪاري بورڊفتاح اسمائيل ۽ خصوصي معاون طارق فاطمي به شريڪ آهن.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*