پشاور زلمي ڪوئيٽا گليڊي ايٽرز کي 58 رنز تان شڪست ڏئي پاڪستان سپر ليگ ٽو جي چيمپئن بڻجي وئي

Peshawar-Zalmi-Win-PSl-Final-6317

 پشاور زلمي ڪوئيٽا گليڊي ايٽرز کي 58 رنز تان شڪست ڏئي پاڪستان سپر ليگ ٽو جي چيمپئن بڻجي وئي، ڪامران اڪمل مين آف دي سيريز سميت 3 ايوارڊ ٻهاري ويو، ڊيرن سيمي کي مين آف دي فائنل جو ايوارڊ ڏنو ويو.

لاهور جي قذافي اسٽيڊيم ۾ ڪوئيٽا گليڊي ايٽرز ٽاس کٽي پهريان پشاور زلميءَ کي بيٽنگ جي دعوت ڏني.

پشاور زلمي مقرر 20 اوورز ۾ مخالف ٽيم کي 149 رنز جو حدف ڏنو، ڪامران اڪمل 40، ڊيرن سيمي 28 ۽ مارلن سيموئلز 19 رنز ٺاهي نمايان رهيا.

ڪوئيٽا گليڊي ايٽرز جي بالرز انمرٽ 3، محمد  نواز هڪ ۽ حسن خان 2 وڪيٽون ورتيون.

پشاور زلميءَ پاران ڏنل 149 رنز جي حدف جو پيڇو ڪندي ڪوئيٽا گليڊي ايٽرز جي پوري ٽيم سترهين اوور ۾ صرف 90 رنز ٺاهي ڍير ٿي وئي.

ڪپتان سرفراز احمد 22، شون ايرون 24 ۽ انور علي 20 رنز ٺاهي نمايان رهيا.

پشاور زلمي جي بالرز محمد اصغر 3، حسن علي ۽ وهاب رياض 2 – 2  وڪيٽون وٺي ٽيم جي ڪاميابي ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو.

ڪامران اڪمل پي ايس ايل ٽو جو بهترين وڪيٽ ڪيپر، بهترين بيٽسمين ۽ مين آف دي سيريز جو ايوارڊ پنهنجي نالي ڪري ورتو.

ويسٽ انڊين رانديگر ۽ پشاور زلميءَ جي ڪپتان ڊيرن سيمي کي پي ايس ايل فائنل جو مين آف دي ميچ ايوارڊ سان نوازيو ويو.

ڪراچي ڪنگز جو سهيل خان ٽورنامينٽ ۾ سڀ کان وڌيڪ 16 وڪيٽون وٺي ٽورنامينٽ جي بهترين بالر جو انعام حاصل ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿي ويو………

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*