ڪوئيٽا گليڊي ايٽرز جي ڪپتان سرفراز احمد چيو آهي ته فائنل ميچ هارائڻ تي ڏاڍو ڏک ٿيو آهي، حدف آسان هو پر خراب بيٽنگ سبب شڪست ملي

Sarfraz-Quetta-6317

ڪوئيٽا گليڊي ايٽرز جي ڪپتان سرفراز احمد چيو آهي ته فائنل ميچ هارائڻ تي ڏاڍو ڏک ٿيو آهي، حدف آسان هو پر خراب بيٽنگ سبب شڪست ملي.

سرفراز احمد چيو ته ميچ ۾ اسان جي بالرن بهترين بالنگ جو مظاهرو ڪندي پشاور زلميءِ کي وڌيڪ اسڪور ٺاهڻ نه ڏنو.

هن چيو ته مخالف ٽيم پاران مليل حدف آسان هو پر اسان خراب بيٽنگ سبب ميچ کٽي نه سگهياسين، جنهن تي گهڻو افسوس ٿيو آهي.

هن چيو ته لاهورين جهڙي طرح اسان کي سپورٽ ڪئي، انهن جو آئون شڪرگذار آهيان. هن چيو ته پنهنجي ملڪ ۾ فائنل کيڏڻ ۾ وڏو مزو آيو………..

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*