پي ٽي آءِ گردشي قرضن ۽ مني لانڊرنگ وارو معاملو سينيٽ ۽ قومي اسيمبلي ۾ اٿارڻ جو فيصلو ڪري ورتو

imran khan

پي ٽي آءِ گردشي قرضن ۽ مني لانڊرنگ وارو معاملو سينيٽ ۽ قومي اسيمبلي ۾ اٿارڻ جو فيصلو ڪري ورتو، عمران خان چيو آهي ته حڪومت رڪاوٽ وجهڻ جي ڪوشش ڪئي ته سپريم ڪورٽ سان رابطو ڪيو ويندو.

عمران خان جي صدارت هيٺ پي ٽي آءِ پارلياماني پارٽي جو اهم اجلاس ٿيو، جنهن ۾ مني لانڊرنگ تي امريڪي پرڏيهي کاتي جي رپورٽ جو تفصيلي جائزو ورتو ويو.

عمران خان مني لانڊرنگ ۽ گردشي قرضن وارو معاملو فوري طور تي قومي اسيمبلي ۽ سينيٽ ۾ اٿارڻ جي هدايت ڪندي چيو ته اهڙي حڪومت مني لانڊرنگ تي ضابطو نٿي آڻي سگهي، جنهن جو ناڻي وارو وزير پاڻ مني لانڊرنگ ڪندو هجي.

عمران خان چيو ته مني لانڊرنگ بابت اسحاق ڊار جو اعترافي بيان حقيقت آهي، گردشي قرض نواز حڪومت جي وڏن اسڪينڊلز مان هڪ آهي.

هن چيو ته نواز شريف حڪومت ايندي ئي اربين رپيا گردشي قرضن جي مد ۾ ادا ڪيا ويا، وزيراعظم طرفان معمول جي طريقيڪار خلاف ڪيل ادائگين جي آڊٽ جي اجازت به نه ڏني وئي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*