قمبر شهدادڪوٽ جي ڊپٽي ڪمشنر وارهه جي گرلس ۽ بوائز پرائمري اسڪولن تي ڇاپا هڻي 7 ماسترياڻين سميت 20 استادن جي غير حاضري تي سخت ڪاوڙ جو اظهار ڪيو آهي

kamber

قمبر شهدادڪوٽ جي ڊپٽي ڪمشنر وارهه جي گرلس ۽ بوائز پرائمري اسڪولن تي ڇاپا هڻي 7 ماسترياڻين سميت 20 استادن جي غير حاضري تي سخت ڪاوڙ جو اظهار ڪيو آهي.

قمبر – شهدادڪوٽ جي ڊي سي شهمير ڀٽو پاران گرلس هائير سيڪنڊري اسڪول ۾ اوچتو ڇاپو هنيو جتي 7  ماسترياڻيون غير موجود هيون، جن کي ڊي سي غيرحاضر ڪيو.

مين بوائز اسڪول ۾ ڇاپي دوران اسڪول جي هيڊ ماستر غلام مصطفيٰ بروهي سميت 13 استاد غيرموجود هئا، جن کي به غيرحاضر ڪيو ويو.

ان موقعي تي  ڊپٽي ڪمشنر شهمير ڀٽو غيرحاضر رهڻ تي استادن کي رڪارڊ سميت  آفيس طلب ڪري ورتو.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*