ڪوئيٽا ۾ اڻڄاتل هٿياربند ڪوئلي جي کاڻ تي حملو ڪري 7 پورهيتن سميت 8 ڄڻن کي اغوا ڪري ويا

ڪوئيٽا ۾ اڻڄاتل هٿيار بند ڪوئلي جي کاڻ تي حملو ڪري 7 پورهيتن سميت 8 ڄڻن کي اغوا ڪري ويا، حملو ڪندڙن کاڻ جي جرنيٽر کي به باهه ڏئي ڇڏي.

 ڪوئيٽا جي سورينج واري علائقي ۾ اڻڄاتل هٿيار بندن ڪوئلي جي کاڻ تي حملو ڪري ڀنڃ ڊانهن ڪرڻ بعد کاڻ جي جرنيٽر کي باهه ڏئي ساڙي ڇڏيو.

هٿياربند مل ۾ ڪم ڪندڙ 7 پورهيتن سميت 8 ڄڻن کي اغوا ڪري ويا، جنهن بعد ليويز فورسز پهچي علائقي کي ڪڙو چاڙهي ڇڏيو.

 ليويز فورسز جو چوڻ آهي ته هٿيار بند  مغوين کي جابلو پٽي ڏانهن اغوا ڪري ويا آهن، مغوين جي بازيابي لاءِ ڪوششون جاري آهن.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*