قومي اسيمبلي جي اجلاس ۾ پاڪ-افغان سرحد جي بندش سميت ڪيترن ئي معاملن تي بحث ڪيو ويو

national assembly

قومي اسيمبلي جي اجلاس ۾ پاڪ-افغان سرحد جي بندش سميت ڪيترن ئي معاملن تي بحث ڪيو ويو، ٻارڙن کي سگريٽ جي وڪري ۽ سندن جبري پورهئي دوران مٿن تشدد کي روڪڻ سميت ڪيترائي بل پيش ڪيا ويا، ايم ڪيو ايم پنهنجي ڪارڪنن جي مبينه گمشدگي ۽ مبينه ايڪسٽرا جڊيشل ڪلنگ خلاف اجلاس جو واڪ آئوٽ ڪيو، خواجه آصف چيو آهي ته 30 ورهين تائين افغان مهاجرن جي ميزباني ڪئي آهي، نه ٿا چاهيون ته ان تي حرف اچي، وڏا وڏا دهشتگرد ماريا ويا آهن، جن جو تعلق پنجاب سان آهي، اهي پشتون نه هئا.

قومي اسيمبلي جو اجلاس ڊپٽي اسپيڪر مرتضيٰ جاويد عباسي جي سربراهي ۾ ٿيو، جنهن ۾ ايم ڪيو ايم ميمبرن ڪارڪنن جي مبينه گمشدگي خلاف واڪ آئوٽ ڪيو.

اجلاس دوران ڳالهائيندي پي ٽي آءِ جي شيرين مزاري چيو ته پرڏيهي وزارت جي اها حالت آهي جو دفاع واري وزير کي ئي علم نه آهي ته پاڪ- افغان بارڊر کليل آهي يا بند؟، ٻڌايو وڃي ته ڇا پاڪ- افغان بارڊر بند ڪرڻ سان ملڪ ۾ دهشتگردي ختم ٿي ويندي.

پرڏيهي وزير خواجه آصف ان موقعي تي ڳالهائيندي چيو ته خواجه آصف چيو آهي ته ٽيهه سالن تائين افغان مهاجرن جي جيڪا ميزباني ڪئي آهي، نه ٿا چاهيون ته اُن تي ڪو حرف اچي.

خواجه آصف چيو ته وڏا وڏا دهشتگرد ماريا ويا آهن، جن جو تعلق پنجاب سان هو، اُهي پختون نه هئا.

هن چيو ته دهشتگرد اسان جي سالميت جا دشمن آهن، دهشتگردي خلاف جنگ ۾ جيڪڏهن ڪا ڪوتاهي ٿي ته زبان جي حوالي سان اُن کي اشو نه بڻايو وڃي.

ايم ڪيو ايم جي ميمبر محبوب عالم اعتراض واري نڪتي تي ڳالهائيندي چيو ته اسان جي نوجوانن کي لاپتا ڪرڻ جو سلسلو جاري آهي، ڪراچي ۾ اڄ به ايم ڪيو ايم جي ڪارڪنن کي ٽارگيٽ ڪيو پيو وڃي.

قومي اسيمبلي جي اجلاس ۾ ايم ڪيو ايم جي ڪارڪنن ٽارگيٽ ڪلنگ ۽ ايڪسٽرا جڊيشل ڪلنگ خلاف واڪ آئوٽ ڪيو.

شگفته جماڻي اعتراض واري نڪتي تي اظهار خيال ڪندي چيو ته سيوهڻ شريف ۾ دهشتگردن انتهائي دردناڪ ڪارروائي ڪئي.

هن چيو ته سنڌ ڌرتي صوفين جي ڌرتي آهي، لال شهباز جي درٻار ۾ سڄي دنيا مان ماڻهو ايندا آهن، مزار تي دهشتگردي واري واقعي تي دل رت جا ڳوڙها ڳاڙي رهي آهي.

هن چيو ته جن ولين انسانيت ۽ ڀائيچاري جو درس ڏنو، انهن جي درٻارن تي دهشتگردي ڪئي پئي وڃي.

قومي اسيمبلي ۾ ايم ڪيو ايم جي نگهت شڪيل ٻارڙن جي جبري پورهئي دوران مٿن تشدد خلاف بل پيش ڪيو، جنهن کي واڳيل ڪميٽي حوالي ڪيو ويو.

پيپلز پارٽي جي ميمبر شاهده رحماني ٻارڙن سان زيادتي وارن واقعن ۾ سزائن ۾ اضافي جو بل پيش ڪيو، جيڪو به  واڳيل ڪميٽي حوالي ڪيو ويو.

آسيه ناز تنولي سرڪاري ملازمن کي ايمرجنسي هليٿ ڪارڊ جاري ڪرڻ وارو بل به پيش ڪيو، جنهن کي پڻ واڳيل ڪميٽي حوالي ڪيو ويو.

زهره ودود فاطمي فوجداري قانون ترميمي بل 2017 پيش ڪيو، جيڪو واڳيل ڪميٽي حوالي ڪيو ويو.

 ٻارن کي سگريٽ وڪرو ڪرڻ کان روڪڻ وارو بل به قومي اسيمبلي ۾ پيش ڪيو ويو، جنهن کي اسٽينڊنگ ڪميٽي حوالي ڪيو ويو.

ايم اين اي نفيسه شاهه قومي اسيمبلي ۾ ٺهراءُ پيش ڪيو ته سکر ايئرپورٽ کي انٽرنيشنل معيار مطابق ٺاهڻ لاءِ قدم کنيا وڃن ۽ سکر ايئرپورٽ کي اپڊيٽ ڪيو وڃي.

نفيسه شاهه جو چوڻ هو ته پنجاب ۾ ٻيا به انٽرنيشنل سطح جا ايئرپورٽ آهن پر سنڌ ۾ ڪراچي کانسواءِ ڪو انٽرنيشنل سطح جو ايئرپورٽ نه آهي.

بعد ۾ قومي اسيمبلي جو اجلاس سڀاڻي تائين ملتوي ٿي ويو………

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*