وفاقي وزير عبدالقادر بلوچ چيو آهي ته پاڪ-افغان سرحد خاص سببن ڪري بند آهي

abdul kadir baloch

وفاقي وزير عبدالقادر بلوچ چيو آهي ته پاڪ-افغان سرحد خاص سببن ڪري بند آهي، تنهن هوندي به سرحد کي ٻن ڏينهن لاءِ کوليو ويو آهي.

قومي اسيمبلي جي اجلاس ۾ ڳالهائيندي عبدالقادر بلوچ چيو ته افغانستان کي ايلاز ڪري اسان جيڪو روڪڻ گهرون ٿا، اهو نه ٿا روڪرائي سگهون.

هن چيو ته اسان افغانستان جا خدشا ۽ تحفظات ختم ڪرڻ خاطر ساڻن سهڪار ڪرڻ لاءِ تيار آهيون.

عبدالقادر بلوچ واضح ڪيو ته ڀارت افغانستان کي ڊڪٽيشن ڏئي ٿو، جيڪڏهن افغانستان ان تي اسان سان لاڳاپا چاهي ٿو ته اها پاليسي نا منظور آهي.

عبدالقادر بلوچ چيو ته اميد آهي ته افغانستان سان لاڳاپا بهتر ٿي ويندا، افغانستان ڳالهه ٻولهه لاءِ اسان سان رابطا ڪيا آهن….

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*