آءِ جي سنڌ اي ڊي خواجه صوبي ۽ خاص طور گادي واري شهر ڪراچي ۾ پوليس آپريشنز

ad khuwaja

آءِ جي سنڌ  اي ڊي خواجه صوبي ۽ خاص طور گادي واري شهر ڪراچي ۾ پوليس آپريشنز، ٽارگيٽيڊ ڪاررواين ۽ قومي ايڪشن پلان تي عملدرآمد تيز ڪرڻ ۽ مربوظ بنائڻ جون  هدايتون ڪيون آهن.

سينٽرل پوليس آفيس ۾ آءِ جي سنڌ اي ڊي خواجه جي صدارت هيٺ اجلاس ٿيو، جنهن ۾ ايڊيشنل آءِ جي مشتاق مهر، ايڊيشنل آءِ جي سي ٽي ڊي ثناءُ الله عباسي، ڊي آءِ جي هيڊ ڪوارٽرز منير شيخ ۽ ٻين عملدارن شرڪت ڪئي.

اجلاس دوران صوبي ۾ سيڪيورٽي صورتحال جو  تفصيلي جائزو ورتو ويو، جڏهن ته آءِ جي سنڌ صوبي ۾ قائم  سمورين هاسٽلز، گيسٽ هائوسز ۽ هوٽلز جي رجسٽريشن جي اپائن کي يقيني بڻائڻ سميت روزانو جي بنيادتي رپورٽ ڏيڻ جون هدايتون جاري ڪيون آهن.

آءِ جي سنڌ چيو ته ملڪيت، گهرن جي ڪرائيدارن ۽ گهر مالڪن جي رجسٽريشن کي يقيني بڻايو وڃي.

آءِ جي سنڌ  صوبي ۽ خاص طور گادي واري شهر  ڪراچي ۾ پوليس آپريشنز، ٽارگيٽيڊ ڪاررواين ۽ قومي ايڪشن پلان تي عملدرآمد تيز ڪرڻ ۽ مربوظ بنائڻ جون  هدايتون ڪيون آهن.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*