بچاءَ واري وفاقي وزير خواجا آصف چيو آهي ته اسان جا جوان شهيد ٿيا ته خاموش رهڻ بدران ڀرپور نموني جواب ڏنو ويندو

khuwaja asif isb

بچاءَ واري وفاقي وزير خواجا آصف چيو آهي ته اسان جا جوان شهيد ٿيا ته خاموش رهڻ بدران ڀرپور نموني جواب ڏنو ويندو.

اسلام آباد ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي خواجا آصف چيو ته افغانستان ڀارت جي ڪٺ پتلي حڪومت بڻيل آهي، ان سان سٺن لاڳاپن جي خواهش پنهنجي جاءِ تي مگر حملن جو جواب ڏيڻ اسان تي فرض آهي.

وفاقي وزير چيو ته افعانستان جي حڪومت پاڻ اعتراف ڪيو آهي ته جتي دهشت گردي ٿئي ٿي اتي ان جو ڪو به ڪنٽرول ناهي.

هن چيوته افغان حڪومت جي اعتراف بعد پاڪستان کي پنهنجي سلامتيءَ خاطر ڪاروائي ڪرڻ جو پورو حق آهي.

خواجا آصف چيو  ته پاڪستان اڳ به افغان سرحد وٽ ڪارروائي ڪئي آهي ۽ آئندهه به ڪندو رهندو.

وفاقي وزير چيو ته  افغان سرحد کي انساني بنيادن تي کوليو ويو آهي ته جيئن ڦاٿل ماڻهو وطن واپس  وڃي سگهن ۽  روزمرهه جون ضرورتون پوريون ٿي سگهن.

خواجا آصف چيو ته آصف زرداري رينجرز جي اختيارن بابت جيڪو ڪجهه چيو ان بابت کيس خبر هوندي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*