مخالف ڌر جي اڳواڻ خورشيد شاهه وزير اعظم نواز شريف خط لکي ٿر ۾ بجلي ٺاهڻ جي منصوبي لاءِ فنڊز جاري ڪرڻ جو مطالبو ڪيو آهي

Shaikh-Rasheed-3916

مخالف ڌر جي اڳواڻ خورشيد شاهه وزير اعظم نواز شريف خط لکي ٿر ۾ بجلي ٺاهڻ جي منصوبي لاءِ فنڊز جاري ڪرڻ جو مطالبو ڪيو آهي.

خورشيد شاهه وزير اعظم نواز کي  لکيل خط ۾ چيو آهي ته هي پنهنجي نوعيت جو پهريون منصوبو جنهن ۾ زمين اندر ڪول گئس استعمال ٿيندي.

خورشيد شاهه خط ۾ چيو آهي ته منصوبي لاءِ رقمون جاري نه ڪرڻ  مجرماڻي  غفلت کان گهٽ ناهي.

مخالف ڌر اڳواڻ خط ۾ چيو آهي ته 2010 ۾ 10 ارب رپين جي لاڳت سان  منظور ڪيل رٿا لاءِ  صرف 3 ارب رپيا جاري ڪيا ويا آهن.

هن چيو ته رٿا سان ملڪ ۾ سستي بجلي، گئس ۽ ڊيزل حاصل ٿيندي.

خورشيد شاهه خط ۾ وزير اعظم نواز کي  چيو آهي ته هو ذاتي دلچسپي وٺي منصوبي کي مڪمل ڪرڻ  لاءِ فنڊز جاري ڪرڻ کي يقيني بڻائي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*