لاهور هاءِ ڪورٽ قتل ڪيس ۾ ڦاهي جي سزا ٻڌايل ٻن جوابدارن کي ڪمزور شاهدين جي بنياد تي بري ڪري ڇڏيو

لاهور هاءِ ڪورٽ، قتل ڪيس ۾ ڦاهي جي سزا ٻڌايل ٻن جوابدارن کي ڪمزور شاهدين جي بنياد تي بري ڪري ڇڏيو آهي.

لاهور هاءِ ڪورٽ جي 2 رڪني بينچ  ڦاهي جي سزا خلاف جوابدارن ارشد ۽ اضعر جي درخواست تي ٻڌڻي ڪئي.

عدالت، ڪمزور شاهدين ۽ شاهدن جي بيانن ۾ تضاد هئڻ تي ٻنهي جوابدارن کي بري ڪري ڇڏيو.

ارشد ۽ اصغر تي خاندان دشمني جي بنياد تي 2008 ۾ طاهر نالي شخص کي قتل ڪرڻ جو الزام هو، 2011 ۾ ماتحت عدالت ٻنهي جوابدارن کي ڦاهي جي سزا ٻڌائي هئي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*