سکر نيب ڀريا سٽي ۾ ڪارروائي ڪري نيشنل بئنڪ جي اڳوڻي مئنيجر ۽ ڊسٽرڪٽ اڪائونٽ آفيسر کي گرفتار ڪري ورتو

Nab-21916

سکر نيب ڀريا سٽي ۾ ڪارروائي ڪري نيشنل بئنڪ جي اڳوڻي مئنيجر ۽ ڊسٽرڪٽ اڪائونٽ آفيسر کي گرفتار ڪري ورتو، نيب اختيارين جو چوڻ آهي ته نيشنل بئنڪ ڀريا سٽي ۽ ڊسٽرڪٽ اڪائونٽ آفيس نوشهرو فيروز جي 63 ملازمن خلاف 15 ڪروڙ رپيا غبن ڪرڻ جو الزام آهي، جن خلاف احتساب عدالت ۾ ريفرنس داخل ڪيو ويو آهي.

نيب سکر جي عملدارن ڀريا سٽي ۾ ڇاپو هڻي نيشنل بئنڪ جي اڳوڻي مئنيجر سيد صابل شاهه ۽ ڊسٽرڪٽ اڪائونٽ آفيسر احمد سولنگي کي گرفتار ڪري ورتو.

نيب اختيارين جو چوڻ آهي ته ٻئي آفيسر ضمانت تي آزاد هئا، جن کي سنڌ هاءِ ڪورٽ پاران ضمانت واري درخواست رد ڪرڻ تي گرفتار ڪيو ويو آهي.

نيب اختيارين موجب نيشنل بئنڪ ڀريا سٽي ۽ ڊسٽرڪٽ اڪائونٽ آفيس نوشهروفيروز جي 63 ملازمن خلاف پينشن، پگهارن ۽ گريجوئيٽي جا 15 ڪروڙ رپيا غبن ڪرڻ جو الزام آهي.

نيب اختيارين موجب غبن ڪندڙ نيشنل بئنڪ ۽ ڊسٽرڪٽ اڪائونٽ آفيس جي ملازمن خلاف احتساب عدالت ۾ ريفرنس پڻ داخل ڪيو ويو آهي………

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*