ڪراچيءَ جي گلستان جوهر واري علائقي ۾ سرڪاري زمين تان قبضو ڇڏائڻ لاءِ پهتل اينٽي انڪروچمينٽ پوليس ۽ علائقي واسين وچ ۾ چڪريون ٿيون

Karachi-Cracker-Blast-10117

ڪراچيءَ جي گلستان جوهر واري علائقي ۾ سرڪاري زمين تان قبضو ڇڏائڻ لاءِ پهتل اينٽي انڪروچمينٽ پوليس ۽ علائقي واسين وچ ۾ چڪريون  ٿيون، اينٽي انڪروچمينٽ پوليس مزاحمت بعد ڪارروائي اڌ ۾ ڇڏي واپس رواني ٿي وئي، علائقي جي پوليس جو چوڻ آهي ته عدالت جي اسٽي باوجود اينٽي اينڪروچمينٽ عملدارن اڄ ٻئي ڏينهن به قبضو ڇڏائڻ جي ڪوشش ڪئي.

اينٽي انڪروچمينٽ پوليس حسين هزارا ڳوٺ  ۾  ريلوي جي زمين تان قبضو خالي ڪرائڻ لاءِ اڄ ٻئي ڏينهن به ڪارروائي ڪئي،جنهن دوران رهواسين  اهلڪارن تي تشدد ۽ پٿراءُ ڪيو، جنهن بعد اينٽي انڪروچمينٽ پوليس  ڪارروائي اڌ ۾ ڇڏي واپس رواني ٿي وئي.

اينٽي انڪروچمينٽ پوليس ۽ ڳوٺاڻن وچ ۾ چڪرين دوران ڪجهه عملدارن جا ڪپڙا به ڦاٽي پيا.

 علائقي جي پوليس جو چوڻ آهي ته عدالت جي اسٽي باوجود اينٽي اينڪروچمينٽ عملدارن اڄ ٻئي ڏينهن به قبضو ڇڏائڻ جي ڪوشش ڪئي آهي.

گذريل ڏينهن به اينٽي انڪروچمينٽ پوليس ريلوي جي زمين خالي ڪرائڻ جي ڪوشش ڪئي پر ڳوٺاڻن جي احتجاج بعد پوليس بنا ڪارروائي جي رواني ٿي وئي هئي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*