سکر ويجهو ٻٻرلوءِ باءِ پاس تي مسافر وين ڪلٽي ٿيڻ جي نتيجي ۾ 15 کان وڌيڪ مسافر زخمي ٿي پيا

سکر ويجهو ٻٻرلوءِ باءِ پاس تي مسافر وين ڪلٽي ٿيڻ جي نتيجي ۾ 15 کان وڌيڪ مسافر زخمي ٿي پيا، جن کي اسپتال منتقل ڪيو ويو آهي.

باءِ پاس تي خيرپور کان سکر ويندڙ مسافر وين ٻٻرلوءِ ويجهو ڊرائيور جي ڪنٽرول مان نڪرڻ سبب ڪلٽي ٿي پئي.

حادثي جي نتيجي ۾ عورتن ۽ ٻارڙن سميت 15 کان وڌيڪ مسافر زخمي ٿي پيا، جن کي روهڙي ۽ ٻٻرلوءِ جي اسپتالن ۾ منتقل ڪيو ويو آهي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*