قومي اسيمبلي جي اسپيڪر اياز صادق چيو آهي ته فوجي عدالتن بابت پيپلز پارٽي جون تجويزون ٻين جماعتن کي موڪلي ڇڏيون آهن

ayaz-sadiq22-8

 قومي اسيمبلي جي اسپيڪر اياز صادق چيو آهي  ته فوجي عدالتن بابت پيپلز پارٽي جون تجويزون ٻين جماعتن کي موڪلي ڇڏيون آهن، اميد آهي ته حڪومت ۽ اپوزيشن وچ ۾ قومي مفاد ۾ اتفاق ٿي ويندو.

اسلام آباد ۾ ميڊيا سان ڳالهئيندي اياز صادق چيو ته فوجي عدالتن جي معاملي تي غور ڪرڻ لاءِ سڀاڻي اپوزيشن ۽ حڪومتي بنيچن تي ويٺل پارٽين جو اجلاس گهرايو آهي، جنهن ۾ اعتزاز احسن ۽ فاروق نائيڪ به شرڪت ڪندا.

اسپيڪر چيو ته اجلاس ۾سموريون پارٽيون پ پ جي 9 نقطن تي پنهنجي راءِ ڏينديون.

هن چيو ته موجوده حالتن ۾ سموريون  سياسي پارٽيون فوجي عدالتن کي ضروري سمجهن ٿيون.

اياز صادق چيوت ته پاڪستان جنگ واري حالت ۾ آهي، اميد آهي ته حڪومت ۽ اپوزيشن وچ ۾ قومي مفاد ۾ اتفاق ٿي ويندو……….

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*