مخالف ڌر جي اڳواڻ خورشيد شاهه چيو آهي ته پانا ڪيس بابت سپريم ڪورٽ فيصلو هڪ ٻن ڏينهن ۾ اچي ويندو، عدالت مان سٺي اميد آهي

khursheed shah

مخالف ڌر جي اڳواڻ خورشيد شاهه چيو آهي ته پانا ڪيس بابت سپريم ڪورٽ فيصلو هڪ ٻن ڏينهن ۾   اچي ويندو، عدالت مان سٺي اميد آهي.

اسلام آباد  ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي خورشيد شاهه چيو ته پانا ڪيس بابت سپريم ڪورٽ فيصلو هڪ ٻن ڏينهن ۾   اچي ويندو.

اپوزيشن ليڊر چيو ته پانا ڪيس بابت فيصلو  عدالت جو امتحان آهي، عوام جون نظرون فيصلي تي آهن، عدالت مان سٺي اميد آهي.

خورشيد شاهه چيو ته پاناما معاملي تي ڪا به سوديبازي نه ڪئي آهي،آصف زرداري ۽ بلاول ڀٽو زردار 2017 ۾ ئي پارليامينٽ ۾ ايندا.

مخالف ڌر جي اڳواڻ چيو ته عمران خان پاران پرڏيهي رانديگرن کي ڦٽيچر ڪوٺڻ مناسب ناهي.

خورشيد شاهه چيو ته پ پ پي ايس ايل کي نارمل ورتو، پر حڪومت ان معاملي دهل وڄايو.

مخالف ڌر اڳواڻ چيو ته چونڊن ۾  ڌانڌلي ڪرڻ لاءِ بيلٽ پيپرز جون ٻوريون ملي وڃن ٿيون ان ڪري  بيلٽ پيپرز تي اليڪشن ڪميشن جوب ٺپو لڳل هجڻ گهرجي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*