اسلام آباد هاءِ ڪورٽ سلمان تاثير قتل ڪيس ۾ سرڪاري وڪيل کي تياري لاءِ هڪ هفتي جي مهلت ڏئي ڇڏي

اسلام آباد هاءِ ڪورٽ، پنجاب جي اڳوڻي گورنر سلمان تاثير قتل ڪيس جي مـُک جوابدار ممتاز قادري جي موت جي سزا خلاف درخواست تي سرڪاري وڪيل کي تياري لاءِ هڪ هفتي جي مهلت ڏئي ڇڏي آهي، عدالت ٽي فيبروري تائين ڪيس جو سمورو رڪارڊ پيش ڪرڻ جو به حڪم ڏنو آهي.

اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي جسٽس نور الحق قريشي ۽ جسٽس شوڪت عزيز صديقي تي ٻڌل 2 رڪني بينچ سلمان تاثير قتل ڪيس ۾ موت جي سزا خلاف ممتاز قادري جي درخواست تي ٻڌڻي ڪئي.

ٻڌڻيءَ دوران لاهور هاءِ ڪورٽ جو اڳوڻو چيف جسٽس خواجه محمد شريف ممتاز قادري پاران وڪيل طور پيش ٿيو.

خواجه محمد شريف، دليل ڏيندي چيو ته هـِن ڪيس ۾ سرڪار پاران ڪو به پيروي ڪرڻ لاءِ تيار نه آهي.

سرڪاري وڪيل عبدالرئوف دليل ڏيندي چيو ته کين ڪيس جي تياري لاءِ ٻن هفتن جي مهلت ڏني وڃي.

جسٽس نور الحق قريشي ريمارڪس ڏنا ته عدالت هـِن ڪيس جي روزاني جي بنياد تي ٻڌڻي ڪرڻ لاءِ تيار آهي، پراسڪيوشن کي خوف واري ماحول مان نڪري پيروي ڪرڻ گهرجي.

عدالت، ريمارڪس ڏنا ته جيڪڏهن ڪو سرڪاري وڪيل پيش نٿو ٿئي ته اٽارني جنرل کي پيش ٿيڻ جو حڪم ڏنو  ويندو.

عدالت، سرڪاري وڪيل جي ڪيس جي تياري لاءِ ٻن هفتن جي مهلت واري استدعا رد ڪندي هڪ هفتي اندر ڪيس جو رڪارڊ پيش ڪرڻ جو حڪم ڏنو آهي، جنهن بعد ڪيس جي ٻڌڻي 3 فيبروري تائين ملتوي ڪئي وئي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*