پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ جي چيئرمين شهريارخان اميد ظاهر ڪئي آهي ته ويسٽ انڊيز خلاف ٽن ٽِيسٽ ميچز واري سيريز کيڏڻ بعد مصباح الحق پاڻ رٽائرمنيٽ جو اعلان ڪندو

PCB-7217

پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ جي چيئرمين شهريارخان اميد ظاهر ڪئي آهي ته ويسٽ انڊيز خلاف ٽن ٽِيسٽ ميچز واري سيريز کيڏڻ بعد مصباح الحق پاڻ رٽائرمنيٽ جو اعلان ڪندو.

لاهور ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي پي سي بي چيئرمين شهريارخان چيو ته جيڪڏهن مصباح الحق رٽائرمنٽ جو اعلان نه ڪيوته پي سي بي فيصلو ڪندي.

قومي ٽيم جو هيڊ ڪوچ مڪي آرٿر ۽ چيف سليڪٽر انضمام الحق جي خوائش آهي ته پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم جي ڪارڪردگي کي بهتر بڻائڻ لاءِ نوجوانن کي موقعو فراهم ڪيو وڃي.

سندن چوڻ آهي ته 30 ورهين کان مٿي واري ڪرڪيٽرز جي جاءِ تي نوجوانن کي ٽيم ۾ شامل ڪيو ويندو.

واضح رهي ته 25 مئي تي مصباح الحق 43 ورهين جو ٿي ويندو.

پي سي بي چيئرمين چيو ته 2010۾ اسپاٽ فڪسنگ ڪيس بعد مصباح الحق قومي ٽيم کي سنڀالي بهتر ڪارڪردگي جومظاهرو ڪيو،جنهن سبب کيس ويسٽ انڊيز جي دوري ۾ ٽيم جي قيادت ڏني وئي آهي ۽ اميد آهي ته هو پاڻ رٽائرمنٽ جو اعلان ڪندو.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*