انٽرنيشنل ڪرڪيٽ ڪائونسل پاڪستان ۾ انٽرنِيشنل ڪرڪيٽ جي واپسي آءِ سي سي جي ايندڙ اجلاس ۾ ڪري سگهي ٿي

ICC-7317

انٽرنيشنل ڪرڪيٽ ڪائونسل پاڪستان ۾ انٽرنِيشنل ڪرڪيٽ جي واپسي آءِ سي سي جي ايندڙ اجلاس ۾ ڪري سگهي ٿي.

پاڪستان ۾ ورلڊ اليون موڪلڻ جو فيصلي تي عمل آءِ سي سي جي ايندڙ مهيني رٿيل اجلاس ۾ ٿيڻ جو امڪان آهي.

انٽرنيشنل ڪرڪيٽ ڪائونسل جي ترجمان جو چوڻ آهي ته اپريل مهيني ۾ رٿيل آءِ سي سي بورڊ ميٽنگ ۾ پاڪستان ۾ سيڪيورٽي بابت جمع ڪرائل رپورٽ جو جائزو وٺندا.

ترجمان جو چوڻ آهي ته ٽاسڪ فورس جي چيئرمين جائلز ڪلارڪ سيپٽمبر مهيني ۾ ورلڊ اليون پاڪستان موڪلڻ جي ڳالهه ڪئي آهي،جنهن دوران ٽيم چار ٽي-ٽوئنٽي ميچز تي ٻڌل سيريز کيڏندي.

آءِ سي سي جي ترجمان جو وڌيڪ چوڻ آهي ته ان حوالي سان فيصلو اپريل مهيني ۾ ٿي سگهي ٿو.

واضح رهي ته لاهور ۾ پي ايس ايل جي فائنل جي موقعي تي آءِ سي سي کانسواءِ انگلينڊ، آسٽريليا، سري لنڪا ۽ بنگلاديش ڪرڪيٽ بورڊ جا سيڪيورٽي منيجر موجود هئا.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*