عمرڪوٽ ڀرسان غلام نبي شاهه شهر ۾ پٿورو جي اسسٽنٽ ڪمشنر هڪ هوٽل تي ڇاپو هڻي سامان ٻاهر اڇلائي ڇڏيو

umerkot map

عمرڪوٽ ڀرسان غلام نبي شاهه شهر ۾ پٿورو جي اسسٽنٽ ڪمشنر هڪ هوٽل تي ڇاپو هڻي سامان ٻاهر اڇلائي ڇڏيو، جنهن خلاف واپارين دڪان بند ڪري ٿاڻي آڏو احتجاج ڪيو.

اسسٽنٽ ڪمشنر جي ڇاپي ۽ سامان اڇلائڻ تان هوٽل مالڪ عيدل سمون ۽

اسسٽنٽ ڪمشنر ۾ جهڙپ پڻ ٿي، جنهن بعد واپارين شهر جا دڪان بند ڪري ڇڏيا.

واپارين دڪان بند ڪري ٿاڻي آڏو پهچي احتجاج ڪيو، هنن جو چوڻ هو ته واپارين سان بلاجواز ناجائزيون ڪيون پيون وڃن.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*