دادو ويجهو ڳوٺ اميناڻي جي رهواسين اسڪول ۾ استادن ۽ بنيادي سهولتن جي کوٽ خلاف احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو آهي

dadu villager pro

دادو  ويجهو ڳوٺ اميناڻي جي رهواسين اسڪول ۾ استادن ۽ بنيادي سهولتن جي کوٽ خلاف احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو آهي.

ولي محمد وڪو، عبداللطيف شاهه ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ ڳوٺاڻن بوائز اسڪول ۾ استادن ۽ فرنيچر جي کوٽ خلاف پريس ڪلب آڏو احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو.

ان موقعي تي مظاهرين جو چوڻ هو ته تعليم کاتي جي ڊائريڪٽر کي دانهڻ باوجود سندن مسئلا حل نه پيا ڪيا وڃن.

مظاهرين چيو ته تعليم کاتي جو ڊائريڪٽر  مقرر ٿيل استادن کي بدلي ڪرائي ڇڏي ٿو، جنهن سبب ٽي سئو شاگردن جي تعليم متاٿر ٿي رهي آهي.

مظاهرين اختيارين کي مطالبو ڪندي چيو ته بوائز اسڪول ۾ استادن ۽ فرنيچر جي کوٽ ختم ڪري سندن مسئلا حل ڪيا وڃن…………….

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*