ٺل ڀرسان ڳوٺ نظام الدين کوسو ۾ پورهيت علي بخش کوسو جا 4 ٻارڙا چمڙي جي پراسرار بيماري ۾ مبتلا ٿي ويا

thul1

ٺل ڀرسان ڳوٺ نظام الدين کوسو ۾ پورهيت علي بخش کوسو جا 4 ٻارڙا چمڙي جي پراسرار بيماري ۾ مبتلا ٿي ويا.

ٻارڙن جي والدين علي بخش ۽ امڙ سچل کوسو چوڻ هو ته سندن ٻارڙن 4 ساله سراج، 3 سالن جي نويدان، 8 مهينن جي معراج ۽ رفيدان کوسو چمڙي جي بيماري ۾ مبتلا ٿي ويا آهن ۽ گذريل 4 سالن کان انهن جو علاج ڪرائي رهيا آهيون، جنهن تي گھر جو الهه تلهه کپائي ڇڏيو آهي.

هنن جو چوڻ ته ٻارڙن جي جسم مان رت وهڻ سميت انهن جي پيرن جو آڱريون ڇڻي ختم ٿي رهيون آهن.

پورهيت موجب هنن مختلف شهرن سکر، ڪوئيٽا ۽ جيڪب آباد توڙي ٺل ۾ علاج ڪرايو پر ڪو فائدو نه ٿيو.

سندن چوڻ هو ته علاج تي لکين رپيا خرچ ڪيا ۽ هاڻي هو علاج جو خرچ برداشت نٿا ڪري سگھن.

هنن صحت کاتي سميت سرندي وارن کان سندن ٻارڙن جو علاج ڪرائڻ جي اپيل ڪئي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*