پاڪستان جي پرڏيهي کاتي چيو آهي ته گذريل ڪجهه ڏينهن ۾ افغانستان ۾ موجود دهشتگرد گروپن جي حملي ۾ سرحد وٽ پاڪ فوج جا ڪيترائي جوان شهيد ٿيا آهن

Nafees zakriya

پاڪستان جي پرڏيهي کاتي چيو آهي ته گذريل ڪجهه ڏينهن ۾ افغانستان ۾ موجود دهشتگرد گروپن جي حملي  ۾ سرحد وٽ پاڪ فوج جا ڪيترائي جوان شهيد ٿيا آهن، حملن کي روڪڻ لاءِ سرحد تي مختلف قدم کنيا ويا آهن.

 اسلام آباد ۾ هفتيوار بريفنگ ڏيندي پرڏيهي کاتي جي ترجمان نفيس زڪريا چيو ته پاڪستان ۾ ٿيندڙ دهشتگردي واقعي جي ذميواري جماعت الاحرار، ٽي ٽي پي ۽ افغانستان ۾ موجود دهشتگرد گروپ قبول ڪري رهيا آهن.

نفيس زڪريا وڌيڪ چيو ته ماضي ۾ اين ايس جي تي ڀارت کي رعايتون ڏنيون ويون هيون هاڻي اميد ڪيون ٿا ته اين ايس جي بابت ڀارت کي مليل رعايتن تي نظرثاني ڪئي ويندي……………..

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*