قومي اسيمبلي جي اجلاس ۾ نوازليگ ۽ پاڪستان تحريڪ انصاف ميمبرن وچ ۾ شروع ٿيل جهيڙو ايوان کان ٻاهر به پهچي ويو

National-Assembly-3217

قومي اسيمبلي جي اجلاس ۾ نوازليگ ۽ پاڪستان تحريڪ انصاف ميمبرن وچ ۾ شروع ٿيل جهيڙو ايوان کان ٻاهر به پهچي ويو، نوازليگ جي جاويد لطيف ۽ پي ٽي آءِ جي مراد سعيد هڪٻئي تي الرون ڪري گٿن لفظن جو استعمال به ڪيو.

 پارليامينت لابي ۾ موجود ميمبرن وچ ۾ پئي ميان جاويد لطيف ۽ مراد سعيد  ۾ جهيڙو ختم ڪرايو.

تحريڪ انصاف جي ايم اين اي مراد سعيد چيو آهي ته عمران خان خلاف گٿا لفظ ڪنهن به صورت ۾ برداشت نه ڪيا ويندا.

 نوازليگ ايم اين اي جاويد لطيف چيو  ته پي ٽي آءِ وارا هر جڳهه تي ناڪاميءَ بعد هاڻي ويڙهه تي لهي آيا آهن.

جاويد لطيف وڌيڪ چيو ته  پاڪستان آيل پرڏيهي رانديگرن کي عمران خان ڦٽيچر چيو آهي، ان لاءِ مراد سعيد جو ڏوهه ناهي سندس قيادت جي سوچ به ساڳي آهي.

 ٻئي طرف مخالف ڌر اڳواڻ خورشيد شاهه پارليامينٽ ۾ ٿيل ايم اين ايز ۾ ٿيل جهيڙي جي مذمت ڪئي آهي………….

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*