سپريم ڪورٽ ٿر ڪول اٿارٽي ۾ ڪانٽريڪٽي آفيسر مقرر ڪرڻ تي ايڊيشنل چيف سيڪريٽري کي رڪارڊ سميت طلب ڪري ورتو، عدالت ريمارڪس ڏنا آهن ته هڪ اداري جو ڪم ٻيو ڪري رهيو آهي

Supreme-Court-27117

سپريم ڪورٽ ٿر ڪول اٿارٽي ۾ ڪانٽريڪٽي آفيسر مقرر ڪرڻ تي ايڊيشنل چيف سيڪريٽري کي رڪارڊ سميت طلب ڪري ورتو، عدالت ريمارڪس ڏنا آهن ته هڪ اداري جو ڪم ٻيو ڪري رهيو آهي، اها ڪهڙي طرز جي حڪمراني آهي، اربين رپين جي منصوبن جا سربراهه ڪانٽريڪٽ تي مقرر ڪيا ويا آهن.

سپريم ڪورٽ ڪراچي رجسٽري ۾ جسٽس امير هاني مسلم جي سربراهيءَ ۾ ٽَي رڪني بئنچ ٿرڪول اٿارٽي ۾ چيف انجنيئر ۽ ايگزيڪوٽو انجنيئر جي ڪانٽريڪٽي بنيادن تي مقرري بابت ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي.

عدالت سيڪريٽري آغا واصف کان پڇاڻو ڪيو ته ايڏي وڏي ۽ اربين رپين جي منصوبي جو سربراهه ڪانٽريڪٽ تي مقرر ڪرڻ جو ڪهڙو سبب آهي، جنهن تي سيڪريٽري چيو ته لاڳاپيل آفيسرن سان رڳو روڊ جي تعمير تائين ڪانٽريڪٽ آهي.

عدالت توانائي واري سيڪريٽري ۽ ايڊووڪيٽ جنرل تي ڪاوڙ جو اظهار ڪندي ريمارڪس ڏنا ته جيڪڏهن سڀاڻي آفيسر ڀڄي ويا ته پوءِ حڪومت رڳو هٿ مــُهٽيندي رهندي.

ايڊووڪيٽ جنرل کي مخاطب ٿيندي عدالت چيو ته اوهان جي حڪومت صوبي جي عوام سامهون جوابده آهي، هڪ اداري جو ڪم ٻيو ڪري رهيو آهي، اها ڪهڙي طرز جي حڪمراني آهي.

جسٽس امير هاني مسلم ريمارڪس ڏنا ته اوهان جا آر او پلانٽس به لڳايا، جن جا نتيجا اسان ڏٺا، ڪرپشن ۾ ملوث ڪنهن به شخص کي بخش نه ڪيو ويندو.

عدالت ايڊيشنل چيف سيڪريٽري کي طلب ڪندي ٿر ڪول اٿارٽي تحت هلندڙ اسڪيمن جو رڪارڊ به پيش ڪرڻ جو حڪم ڏنو آهي……..

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*