روهڙي ويجهو هٿياربندن جي حملي ۾ هڪ عورت مارجي وئي، جڏهن ته سندس ڌيءُ زخمي ٿي پئي

rohri

روهڙي ويجهو هٿياربندن  جي حملي ۾  هڪ عورت مارجي وئي، جڏهن ته  سندس ڌيءُ زخمي ٿي پئي.

تــِرَوڙ واري علائقي ۾ سيد برادري جي هٿياربندن حاجن شاهه جي گهر تي مبينا حملو ڪري هٿيارن جا منهن کولي ڇڏيا.

فائرنگ جي نتيجي ۾ حاجن شاهه جي گهر واري روزينا  ٿڏي تي مارجي وئي، جڏهن ته سندس 17 ورهين جي ڌيءُ اصلي سخت زخمي ٿي پئي.

اطلاع تي صالح پٽ پوليس پهچي مارجي ويل عورت جو لاش ۽ زخمي ناري کي تعلقي اسپتال روهڙي منتقل ڪيو.

مقتولا جي مڙس حاجن شاهه ، مقتولا ناري جي ڀاءُ اسلم شاهه ۽ سندس ماءُ شهميران بي بي صحافين آڏو دانهيندي  چيو ته  روزينا کي سندس ڏيرن جي پٽن گهر تي حملو ڪري  قتل ڪيو آهي.

مقتولا جي وارثن چيو ته جوابدارن  حملي بعد گهر مان ڦر لٽ به ڪئي .

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*