ٺٽي ۾ نواز ليگ جي جلسي کي خطاب ڪندي وزير اعظم پاران سمنڊ کي اڳتي وڌڻ کان روڪڻ لاءِ بند ٻڌڻ

Nawaz-Sharif-Thatta-Speech-9317

ٺٽي ۾ نواز ليگ جي  جلسي کي خطاب ڪندي  وزير اعظم پاران سمنڊ کي اڳتي وڌڻ کان روڪڻ  لاءِ بند ٻڌڻ، 500 بسترن تي ٻڌل جديد اسپتال قائم ڪرڻ، هيلٿ ڪارڊ ڏيڻ سميت مختلف رٿائن جو اعلان ڪيو آهي، نواز شريف چيو آهي ته سنڌ جي عوام جون محروميون ختم ڪيون وينديون، جيڪي ڪم صوبائي حڪومت کي ڪرڻا هئا، اهي وفاقي حڪومت ڪري رهي آهي.

ٺٽي ۾ نواز ليگ پاران  سياسي طاقت جو مظاهرو ڪرڻ لاءِ  وڏو عوامي   جلسو ڪيو ويو .

جلسي کي خطاب ڪندي وزير اعظم نواز شريف چيو  ته ٺٽي جي عوام وٽ اچي تمام گهڻي خوشي ٿي آهي، وفاقي سرڪار ٺٽي جا سمورا مسئلا حل ڪندي.

وزير اعظم  چيو ته سنڌ جي عوام سان محبت جو رشتو آهي، سنڌ کي نئين سر تعمير ڪنداسين، بجلي، پاڻي ۽ موٽروي جهڙا منصوبا ڏينداسين.

وزير اعظم چيو ته اسان سنڌ جي احساس محرومي دور ڪنداسين، سنڌ جي ٻهراڙين کي پنجاب جي شهرن کان به بهتر بڻائينداسين، ڀٽائي ۽ قلندر جي ڌرتي جا سمورا مسئلا حل ڪنداسين.

نوازشريف چيو ته سنڌ جي راڄڌاني  ڪراچي کي خوبصورت شهر بڻائينداسين.

وزير اعظم سنڌ جي عوام لاءِ  صحت ڪارڊ جاري ڪرڻ جو اعلان ڪندي چيو ته صوبائي سرڪار حصو ڏئي يا نه ڏئي پر وفاقي حڪومت پاران  ٺٽو، سجاول ۽ ٽنڊو محمد خان جي عوام  کي هيلٿ ڪارڊ ڏنا ويندا.

وزير اعطم چيو ته  هيلٿ ڪارڊ جي ورهاست لاءِ سروي ۾ 3 کان 4 مهينا لڳندا، ڪارڊ ملڻ  سان غريب ماڻهو پرائيوٽ ۽ سرڪاري اسپتالن ۾ پنهنجو مفت علاج ڪرائي سگهندا.

وزير اعظم پاران ٺٽي  250 ميگاواٽ بجلي فراهم ڪرڻ، سجاول ۽ ٺٽي جي ٻهراڙين کي گئس فراهم ڪرڻ لاءِ هڪ ارب 10ڪروڙ، ۽ پاڻي جي فراهمي لاءِ20-20 ڪروڙ رپين جو اعلان پڻ ڪيو ويو.

جلسي کي اعجاز شاهه شيرازي، شفقت شيرازي ۽ ٻين اڳواڻن پڻ خطاب ڪيو.

وزيراعظم نواز شريف جلسي کي خطاب ڪرڻ بعد ڪراچي روانو ٿي ويو.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*