بدين ڀرسان نوجوان ناريءَ پنهنجو ڳلو ڪپي آپگهات ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي، کيس ڳڻتي جوڳي حالت ۾ حيدرآباد منتقل ڪيو ويو
بدين ڀرسان نوجوان ناريءَ پنهنجو ڳلو ڪپي آپگهات ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي، کيس ڳڻتي جوڳي حالت ۾ حيدرآباد منتقل ڪيو ويو.
کوسڪي لڳ ڳوٺ اٽلي چڪ ۾ 15 سالن جي راڻي پنهنجو ڳلو کپي آپگهات ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي.
ناريءَ کي ڳڻتي جوڳي حالت ۾ بدين نيو ويو، جتان کيس حيدرآباد منتقل ڪيو ويو.
ڊاڪٽرن جو چوڻ آهي ته ناري ساهه واري نلي ڪٽجڻ سبب نڪ بجاءِ وات مان ساهه کڻي رهي آهي.
رابطو ڪرڻ تي ناريءَ جي وارثن ٻڌايو ته اسان جي نياڻي ذهني مريض آهي، هڪ سال اڳ به هن پنهنجي ٻانهن ڪٽي خودڪشي ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي هئي…..