جوهي ويجهو بند پيل اسڪول کولرائڻ لاءِ مختلف ڳوٺن جي رهواسين احتجاجي مظاهرو ڪري سخت نعريبازي ڪئي

johi

جوهي ويجهو بند پيل اسڪول کولرائڻ لاءِ مختلف ڳوٺن جي رهواسين احتجاجي مظاهرو ڪري سخت نعريبازي ڪئي.

ڪاڇو جي يوسي ساوڙ ۾ مختلف ڳوٺن جي رهواسين الهيار رودناڻي، قلندر رودناڻي ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ ٽئڪسي اسٽينڊ وٽ احتجاجي مظاهرو ڪيو.

ان موقعي تي مظاهرين چيو ته سنڌ صوبي ۾ تعليمي ايمرجنسي هجڻ باوجود وزيراعلى سنڌ سيد مراد علي شاهه جي تڪ يونين ڪائونسل ساوڙو جا ڪيترائي اسڪول بند پيا آهن.

مظاهرين چيو ته تعليم کاتي جي ڪامورن بائيوميٽرڪ عملي جي ملي ڀڳت سبب بند پيل اسڪول کلي نه سگهيا آهن.

هنن چيو ته اختيارين کي ڪيترائي ڀيرا دانهڻ باوجود ڪو به کڙ تيل نه نڪتو آهي.

مظاهرين مطالبو ڪندي چيو ته بند پيل سمورا اسڪول کولرائي معصوم ٻارڙن جو مستقبل بچايو وڃي…………

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*