ڪوٽڙي ۽ ڪنڌڪوٽ ۾ ڌار ڌار روڊ حادثن ۾ 3 ڄڻا فوت ٿي ويا، جڏهن ته ڪوٽڙي پوليس ٽرالر کي تحويل ۾ وٺي ڊرائيور کي گرفتار ڪري ورتو آهي
ڪوٽڙي ۽ ڪنڌڪوٽ ۾ ڌار ڌار روڊ حادثن ۾ 3 ڄڻا فوت ٿي ويا، جڏهن ته ڪوٽڙي پوليس ٽرالر کي تحويل ۾ وٺي ڊرائيور کي گرفتار ڪري ورتو آهي.
ڪوٽڙي ويجهو ٽيليگراف ڦاٽڪ وٽ تيز رفتار ٽرالر موٽرسائيڪل مٿان چڙهي ويو، جنهن جي نتيجي ۾ عديل ڀلائي ۽ چاڪر چاچڙ ٿڏي تي فوت ٿي ويا.
اطلاع تي پوليس پهچي فوت ٿي ويل ٻنهي ڄڻن جا لاش کڻائي اسپتال منتقل ڪيا.
پوليس جو چوڻ آهي ته ٽرالر کي تحويل ۾ وٺي ڊرائيور معروف پٺاڻ کي حراست ۾ ورتو آهي.
پوليس موجب، حادثو ٽرالر جي تيز رفتاري سبب پيش آهي.
ٻي طرف ڪنڌڪوٽ ويجهوانڊس هاءِ وي تي ڪوچ ۽ موٽرسائيڪل ۾ ٽڪر ٿي پيو، جنهن جي نتيجي ۾ هڪ ڄڻو فوت ٿي ويو، جنهن جو لاش تعلقي اسپتال منتقل ڪيو ويو.
پوليس جو چوڻ آهي ته حادثي ۾ فوت ٿي ويل نوجوان جي سڃاڻپ نه ٿي سگهي آهي……………