سنڌ جي مختلف شهرن ۾ ڌار ڌار روڊ حادثن جي نتيجي ۾ عورت سميت 7 ڄڻا فوت ٿي ويا ۽ 5 زخمي ٿي پيا آهن

Malir-Accident-10317

سنڌ جي مختلف شهرن ۾ ڌار ڌار روڊ حادثن جي نتيجي ۾ عورت سميت 7 ڄڻا فوت ٿي ويا ۽ 5 زخمي ٿي پيا آهن.

ٽنڊي الهيار ويجهو ٽرڪ ۽ ڪار وچ ۾ خوفناڪ ٽڪر جي نتيجي ۾ محمد خان ڳاهو، سندس ڌيءُ فضا ۽ پٽ نزاڪت فوت ٿي ويا.

پوليس فوتين جا لاش ۽ زخمين کي ميرپورخاص اسپتال پهچايو، جتان پوسٽ مارٽم بعد لاش وارثن حوالي ڪيا ويا، زخمين جو علاج جاري آهي.

پوليس چيو آهي ته حادثو تيز رفتاري سبب پيش آيو.

ملير ويجهو به پورٽ قاسم روڊ تي ڪار، موٽرسائيڪل ۽گڏهه گاڏي ۾ ٽڪر ٿي پيو، جنهن جي نتيجي ۾ هڪ ڄڻو فوت ٿي ويو ۽ 3 ڄڻا زخمي ٿي پيا.

ڪوٽڙي جي ٽيليگراف ڦاٽڪ وٽ تيز رفتار ٽرالر موٽرسائيڪل مٿان چڙهي ويو، جنهن جي نتيجي ۾ عديل  ڀلائي ۽ چاڪر چاچڙ ٿڏي تي فوت ٿي ويا.

پوليس ٽرالر کي تحويل ۾ وٺي ڊرائيور معروف پٺاڻ کي حراست ۾ وٺي ڇڏيو آهي، پوليس موجب، حادثو ٽرالر  جي تيز رفتاري سبب پيش آيو.

ڪنڌڪوٽ ويجهوانڊس هاءِ وي تي ڪوچ ۽ موٽرسائيڪل ۾ ٽڪر جي نتيجي ۾ هڪ ڄڻو فوت ٿي ويو، جنهن جي سڃاڻپ نه ٿي  سگهي آهي……………..

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*