نساسڪ جي چيف انٽرنل آڊيٽر پاران کيس فارغ ڪرڻ خلاف سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ پٽيشن داخل ڪرائي وئي

سکر ۾ ايم ڊي نساسڪ پاران فارغ ڪيل چيف انٽرنل آڊيٽر امجد دراني سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ درخواست داخل ڪندي موقف اختيار ڪيو ويو آهي، بل منظور نه ڪرڻ تان ايم ڊي نساسڪ کيس عهدي تان فارغ ڪيو آهي، جڏهن ته ايم ڊي نساسڪ جو چوڻ آهي ته چيف انٽرنل آڊيٽر جي ملازمت وارو مدو ختم ٿيڻ ڪري کيس فارغ ڪيو ويو آهي.

نساسڪ جي چيف انٽرنل آڊيٽر پاران کيس فارغ ڪرڻ خلاف سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ پٽيشن داخل ڪرائي وئي، جيڪا عدالت ٻڌڻي لاءِ سکر بئنچ ڏانهن اماڻي ڇڏي آهي.

درخواست ۾ موقف اختيار ڪيو ويو ته چيف انٽرنل آڊيٽر کي عهدي تان فارغ ڪرڻ جو اختيار ايم ڊي نساسڪ وٽ نه پر بورڊ جي چيئرمين وٽ آهي.

درخواست ۾ اهو به موقف اختيار ڪيو ته ايم ڊي نساسڪ کيس هڪ ڪروڙ 37 لک رپين جا غير قانوني بل منظور نه ڪرڻ تان عهدي تان فارغ ڪيو آهي.

هوڏانهن ايم ڊي نسانسڪ عبدالجميد پٺاڻ ڪي ٽي اين نيوز کي ٻڌايو ته چيف انٽرنل آڊيٽر کي ملازمت جو مدو پورو ٿيڻ ڪري فارغ ڪيو ويو آهي.

ايم ڊي نساسڪ وڌيڪ چيو ته مٿس لڳايل الزام غلط آهن، سندس خلاف داخل درخواست جو جواب جو عدالت ۾ ڏيندو.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*