نوابشاهه جو مشهور اسٽيج فلم ۽ ڊراما آرٽسٽ اسلم شاد غربت کان تنگ ٿي پنهنجا ايوارڊ، شيلڊون ۽ سرٽيفڪيٽ کڻي وڪرو ڪرڻ جا هوڪا ڏيڻ لڳو آهي

Nawabshah map

نوابشاهه جو مشهور اسٽيج فلم ۽ ڊراما آرٽسٽ اسلم شاد غربت کان تنگ ٿي پنهنجا ايوارڊ، شيلڊون ۽ سرٽيفڪيٽ کڻي وڪرو ڪرڻ جا هوڪا ڏيڻ لڳو آهي.

50 ورهين جي ڄمار جو اسلم شاد 30 سال مسلسل فني دنيا کي ارپيا آهن ۽ کيس 20 کان وڌيڪ ايوارڊ، شيلڊون ۽ مڃتا سرٽيفڪيٽ ملي چڪا آهن.

هن وقت تائين اسلم شاد 10 ويڊيو فلمن، 8 ٽيلي فلمون، 16 سولو پلي ڊرامن ۽ 7 سولو سيريلز ۾ ڪم ڪيو آهي.

مشهور اسٽيج اداڪار ڪي ٽي اين چينل جي ڊرامن اوکا پنڌ، اڌورا ارمان، درد وندي جو ديس، ڪنول، لهندڙ سج ۽ ٻين ۾ ڪم ڪيو آهي.

اسلم شاد چيو آهي ته سندس گهر واري کي هيپاٽائٽس آهي، جنهن تي هن مليل چاندي جو مڊل 22سو رويپن ۾ وڪرو ڪري سندس علاج ڪرايو.

 هن چيو آهي ته هو بهترين پينٽنگ ڪندو آهي پر پينافلڪيس جو دور شروع ٿيڻ سان پينٽنگ جو دور ختم ٿي ويو آهي.

اسٽيج اداڪار چيو آهي ته خوبصورت بينر لکڻ تي مرحوم حاڪم علي زرداري جي چوڻ تي کيس زرعي توسيع کاتي نوابشاهه ۾ بيلدار جي نوڪري ملي هئي پر اٺن ميهنن کان پوء اها نوڪري ختم ٿي وئي.

ماڻهن جي چپن تي مرڪون وکيريندڙ آرٽسٽ اسلم ارشاد پيپلزپارٽي جي قيادت، وزير اعليٰ سنڌ ۽ سيد سردار علي شاهه کان مطالبو ڪيو ته سندس ٻچن کي روزگار ڏنو وڃي ته جئين اهي ماني ڳڀو سولائي سان کائي سگهن……………….

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*