سيٺارجا ويجهو ڳوٺ مينگهو فقير شر جي رهواسي عورتن بااثر جي ظلم خلاف احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو

setharja

سيٺارجا ويجهو ڳوٺ مينگهو فقير شر جي رهواسي عورتن بااثر جي ظلم خلاف احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو.

حاجاڻي خاتون،گلابي خاتون ،رابيعت شر ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ عورتن بااثر جي ظلم ۽ ڪوڙا ڪيس داخل ڪرائڻ واري عمل خلاف ناڪا چوڪ  تي ڌرڻوهنيو، جنهن  سبب ايندڙ ويندڙ ٽريفڪ معطل ٿي وئي.

ٻن ڪلاڪن جي ڌرڻي بعد ڊي ايس پي ميرواھ بشير احمد کونھارو ڌرڻو ھڻندڙ عورتن وٽ پھچي ڪري انصاف جي خاطري ڪرائي جنھن بعد روڊ کوليو ويو.

ان موقعي تي احتجاج ڪندڙ عورتن چيو ته بااثر ڳوٺ مان لڏائڻ لاءِ سندن نوجوانن مٿان ميرواھ ٿاڻي تي ڪوڙا ڪيس داخل ڪرائي ظلم ڪري رھيو آھي.

ھنن چيو ته بااثر ھجڻ ڪري پوليس به سندس وانگار وھندي ڪوڙا ڪيس داخل ڪري اسان جي سمورن مردن کي گرفتار ڪري ورتو آهي.

مظاهرو ڪندڙ عورتن چيو ته غريب ھجڻ ڪري ڪوبه سندن داد فرياد نه ٿو ٻڌي، اختياريون معاملي جو نوٽيس وٺي ساڻن انصاف ڪن……………..

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*