ملير ويجهو پوليس ڪارروائي ڪري هڪ مهينو اڳ اغوا ٿيل ناري کي بازياب ڪرائي جوابدار کي گرفتار ڪري ورتو

malir nari baziyab

ملير ويجهو پوليس ڪارروائي ڪري هڪ مهينو اڳ اغوا ٿيل ناري کي بازياب ڪرائي جوابدار کي گرفتار ڪري ورتو.

پوليس موجب، گهگهر ڦاٽڪ وٽ ڪارروائي ڪري ناري سعديه کي بازياب ڪرائي  جوابدار نذير کي حراست ۾ ورتو ويو.

پوليس جو چوڻ آهي ته نوجوان ناري سعديه کي 18 فيبروري تي پاڪ ڪالوني مان اغوا ڪيو ويو هو.

پوليس موجب، ناري جي مائٽن سعديه جي اغوا جو ڪيس پاڪ ڪالوني ٿاڻي ۾ داخل ڪرايو هو.

پوليس جو چوڻ آهي ته حراست ۾ ورتل جوابدار نذير کان وڌيڪ پڇا ڳاڇا ڪئي پئي وڃي…….

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*