ڪمند جو سرڪاري اگهه نه ملڻ خلاف آبادگارن ۽ ٻين تنظيمن جو حيدرآباد باءِ پاس تي ڌرڻو ٽريفڪ معطل

ڪمند جو سرڪار اگهه نه ملڻ خلاف آبادگارن، سياسي ۽ قومپرست تنظيمن  جو حيدرآباد باءِ پاس تي ڌرڻو   جاري آهي، ڌرڻي سبب مختلف شهرن ڏانهن ايندڙ ويندڙ ٽريفڪ معطل آهي، جڏهن ته مختلف هنڌن تي آبادگارن جي قافلن کي روڪيو ويو.

سنڌ سرڪار پاران ڪمند جو مقرر ڪيل سرڪاري اگهه 182 رپيا نه ملڻ خلاف آبادگارن، قومپرستن ۽ سياسي سماجي ڌرين ٽول پلازه وٽ ڌرڻو هنيو، جنهن سبب حيدرآباد کان ڪراچي ۽ ڪراچي کان سنڌ جي مختلف شهرن ڏانهن ويندڙ ٽريفڪ معطل آهي.

آبادگارن جي ڌرڻي ۾ شرڪت لاءِ سنڌ جي مختلف شهرن مان قافلن جي آمد جاري آهي، جڏهن ته نوري آباد ۽ نوابشاهه مان ايندڙ آبادگارن جي قافلي کي قاضي احمد ۾ پوليس روڪي ورتو.

ڌرڻي ۾ مسلم ليگ ن، ايم ڪيو ايم، قومي عوامي تحريڪ، ايس يو پي، آبادگار بورڊ ۽ ٻين سياسي سماجي پارٽين جا اڳواڻ شهر يار مهر، نصرت سحر عباسي، ارباب غلام رحيم، نادر اڪمل لغاري، غازي صلاح الدين، جلال محمود شاهه، زين شاهه، ڊاڪٽر نياز ڪالاڻي ابرار قاضي، رياض چانڊيو، ذوالفقار هيسباڻي، عبدالمجيد نظاماڻي ۽ ٻيا شريڪ آهن.

آبادگارن جو چوڻ آهي ته شگرملز مالڪ مقرر سرڪاري اگهه ڏيڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو آهي،سنڌ حڪومت مقرر سرڪاري اگهه تي عمل نه ڪرائي سگهي آهي.

هنن مطالبو ڪيو ته  آبادگارن کي ڪمند جو مقرر سرڪاري اگهه ڏنو وڃي، ٻي صورت ۾ سندن احتجاج جاري رهندو.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*