سنڌ اسيمبلي چوپائي مال جي پالنا وارو بل اڪثريتي راءِ سان منظور ڪري ورتو

sindh assembly

سنڌ اسيمبلي چوپائي مال جي پالنا وارو بل اڪثريتي راءِ سان منظور ڪري ورتو، جڏهن ته ايم ڪيو ايم ميمبر مڪاني ادارن واري سيڪريٽري خلاف استحقاق واري رٿ پيش ڪرڻ جي اجازت نه ملڻ تي ٻئي ڏينهن به واڪ آئوٽ ڪيو، صوبائي وزير نثار کهڙي چيو ته واڪ آئوٽ ڪندڙ ايوان ۽ اسٽينڊنگ ڪميٽي جي توهين ڪئي آهي.

سنڌ اسيمبلي جو اجلاس  جيئن ئي شروع ٿيو ته ايم ڪيو ايم جي سيف الدين خالد اورنگي ٽائون ۾ ڦر خلاف احتجاج ڪندڙن تي پوليس جي لٺبازي خلاف ڌيان ڇڪايو نوٽيس پيش ڪرڻ چاهيو ته شهلا رضا کيس روڪيو، جنهن تي هن گوڙ شروع ڪري ڏنو.

ايم ڪيو ايم ميمبرن جي گوڙ کانپوءِ اسپيڪر شهلا رضا ڌيان ڇڪايو نوٽيس پيش ڪرڻ جي اجازت ڏني ته محمد حسين پولي جي فائرنگ تي ڪال اٽينشن پيش ڪندي چيو ته ڦر خلاف احتجاج ڪندڙن تي پوليس سڌي فائنرگ ڪئي ۽ تشدد جو نشانو بڻايو.

جنهن تي نثار کهڙي چيو ته اورنگي ٽائون جي اسلام چوڪ تي احتجاج ٿيو، مظاهرين وٽ بنا لائسنس جي هٿيار هئا، پوليس ۽ احتجاج ڪندڙن ۾ چڪريون ٿيون، احتجاج دوران فائرنگ ۾ هڪ ڄڻي جي مارجڻ جي جاچ ڪئي پئي وڃي.

نثار کهڙي جي جواب تي ايم ڪيو ايم جي ميمبرن ٻيهر احتجاج ڪيو، سيف الدين خالد جو چوڻ هو ته جيڪو پوليس ٻڌايو اهو پڙهي ٻڌايو ويو، ماڻهن کي ماريو پيو وڃي، ڪيترائي ماڻهو زخمي آهن، هڪ ڄڻو مارجي ويو.

ان موقعي تي ڊپٽي اسپيڪر چيو ته اهو طريقو نه آهي ته جيڪو وڻي اهو ڳالهايو، جنهن تي سيف الدين خالد چيو ته ساڻس زيادتي ٿي آهي.

محمد حسين چيو ته ٻڌايو وڃي ته اورنگي ٽائون ۾ معصوم شهرين تي سڌي فائرنگ ۾ملوث  آفيسرن ۽ اهلڪارن خلاف ڪهڙي ڪارروائي ٿي آهي، جنهن تي نثار کهڙي چيو ته احتجاج شامل هٿياربندن کي گرفتار ڪيو ويو، واقعي جي جاچ ڊي آءِ جي آزاد ڪري رهيو آهي.

ان موقعي تي ايم ڪيو ايم جي ميمبر ڪامران اختر ڌيان ڇڪايو نوٽيس پيش ڪرڻ چاهيو ته ڊپٽي اسپيڪر سان سندس دلچسپ جملن جي ڏي وٺ ٿي.

شهلا رضا ڪامران اختر کي مخاطب ٿي چيو ته ڌيان ڇڪايو نوٽيس پڙهو پٽ، جنهن تي ڪامران اختر چيو ته کيس خوشي آهي ته پٽ چيو آهي،   ڪاش مون کي ماءُ جهڙو ورتاءُ به رکيو وڃي.

بعد ۾ ڌيان ڇڪايو نوٽيس پيش ڪندي ڪامران اختر چيو ته ميئر ڪراچيج ي صفائي مهم فنڊ نه هجڻ سبب پوري نه ٿي، جنهن تي صوبائي وزير ڄام خان شورو چيو ته اهو بلڪل صحيح آهي ته ڪراچي کي ڪچرو ڪرڻ جي سازش ڪئي وئي.

ڄام خان شوري چيو ته نعت الله خان جي دور ۾ ڪي ايم سي ۾ 13 هزار ملازم هئا، بعد ۾ گهوسٽ ملازم ڪي ايم سي ۾ رکيا ويا،  ڏکڻ ضلعي ۾ 6 سئو گاريبج ڊسٽ بن رکيا ويا آهن، سنڌ حڪومت هڪ رپيو خرچ ڪرڻ بنا چيني ڪمپني کي ٺيڪو ڏنو.

اجلاس دوران پي ٽي آءِ جي خرم شير زمان پشتونن خلا ف مبينا ڪارروائي جي حوالي سان ڌيان ڇڪايو نوٽيس پيش ڪندي چيو ته ڪراچي ۾ پشتون هجڻ ڏوهه بڻايو ويو آهي، پوليس پشتونن کي گرفتار ڪري رهي آهي.

جنهن تي صوبائي وزير نثار کهڙي چيو ته پشتونن خلاف نه پر غير قانوني طور ترسيل پرڏيهين خلاف ڪاررائيون ڪيون پيون وڃن، انهن ۾ پشتون، بنگالي ۽ ٻين ملڪن جا پرڏيهي به شامل آهن ۽ اهو آپريشن جاري رکيو ويندو.

سنڌ اسيمبلي جي اجلاس دوران جانورن جي نسل جي واڌ ۽ پالنا وارو بل پيش ڪيو ويو ته ان موقعي تي ايم ڪيو ايم جي ميمبرن ٻئي ڏينهن به مڪاني ادارن واري سيڪريٽري خلاف استحقاق واري رٿ رد ٿيڻ تي اجلاس جو بائيڪاٽ ڪيو.

بعد ۾ سنڌ اسيمبلي اڪثريتي راءِ سان جانورن جي نسل وڌائڻ ۽ پالنا وارو بل منظور ڪري ورتو، جنهن تحت عالمي معيار برابر ماحول فراهم ڪيو ويندو ۽ کير جي معيار ۽ مقدار ۾ واڌ لاءِ ماهرن جون خدمتون به حاصل ڪيون وينديون.

بل جي منظوري کانپوءِ ڳالهائيندي صوبائي وزير نثار کهڙي ايم ڪيو ايم جي ميمبرن تي سخت تنقيد ڪندي چيو ته استحقاق واري رٿ منظور يا رد ڪرڻ اسپيڪر جي اختيار ۾ آهي، مخالف ڌر ايوان جو حسن آهي، بل جي منظوري وقت واڪ آئوٽ ڪري ايم ڪيو ايم جي ميمبرن ايوان ۽ اسٽينڊنگ ڪميٽي جي توهين ڪئي آهي.

نثار کهڙي ڊپٽي اسپيڪر کي چيو ته هو پارلياماني اڳواڻن کي چيمبر ۾ گهرائي انهن کي رولز سمجهائي، جنهن تي شهلا رضا چيو ته چيمبر جو اڄڪلهه وڏو چرچو آهي، مون ليٽر جاري ڪيا آهن، ميمبر چيمبر ۾ اچن ته کين سمجهايو ويندو، جنهن بعد ڊپٽي اسپيڪر اجلاس سومر تائين ملتوي ڪري ڇڏيو.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*