سنڌ جي مختلف شهرن ۾ ڌار ڌار خوفناڪ روڊ حادثن جي نتيجي ۾ عورتن سميت 12 ڄڻا فوت ٿي ويا ۽ 5 زخمي ٿي پيا آهن

Accident-Road-27217

سنڌ جي مختلف شهرن ۾ ڌار ڌار خوفناڪ روڊ حادثن جي نتيجي ۾ عورتن سميت 12 ڄڻا فوت ٿي ويا ۽ 5 زخمي ٿي پيا آهن.

مانجهنڊ ويجهو انڊس هاءِ وي تي حيدرآباد ويندڙ ڪوچ ۽ ڪار وچ ۾ ٽڪر جي نتيجي ٻن ورهين جي نينگري عنصا، پنجن ورهين جي پختونا ۽ 30 ورهين جي مسمات گاجائي سميت 4 ڄڻا فوت ٿي ويا.

امان الله، ظفر، سحرش سميت 4 ڄڻا زخمي ٿي پيا، جن کي اسپتال منتقل ڪيو ويو.

فوتين ۽ زخمين جو تعلق سوات سان هو، جن جا لاش پوسٽ مارٽم بعد وارثن حوالي ڪيا ويا.

موري ۾ دادو مورو لنڪ روڊ تي ڪار ۽ موٽرسائيڪل وچ ۾ ٽڪر جي نتيجي ۾ سجاول ابڙو فوت ٿي ويو ، جڏهن ته ڏاڏو ابڙو ۽ ستار ماڇي زخمي ٿي پيا.

ٽنڊي الهيار ويجهو ٽرڪ ۽ ڪار وچ ۾ خوفناڪ ٽڪر جي نتيجي ۾ محمد خان ڳاهو، سندس ڌيءُ فضا ۽ پٽ نزاڪت فوت ٿي ويا.

پوليس فوتين جا لاش ۽ زخمين کي ميرپورخاص اسپتال پهچايو، جتان پوسٽ مارٽم بعد لاش وارثن حوالي ڪيا ويا، زخمين جو علاج جاري آهي.

پوليس چيو آهي ته حادثو تيز رفتاري سبب پيش آيو.

ملير ويجهو به پورٽ قاسم روڊ تي ڪار، موٽرسائيڪل ۽گڏهه گاڏي ۾ ٽڪر ٿي پيو، جنهن جي نتيجي ۾ هڪ ڄڻو فوت ٿي ويو ۽ 3 ڄڻا زخمي ٿي پيا.

ڪوٽڙي جي ٽيليگراف ڦاٽڪ وٽ تيز رفتار ٽرالر موٽرسائيڪل مٿان چڙهي ويو، جنهن جي نتيجي ۾ عديل  ڀلائي ۽ چاڪر چاچڙ ٿڏي تي فوت ٿي ويا.

پوليس ٽرالر کي تحويل ۾ وٺي ڊرائيور معروف پٺاڻ کي حراست ۾ وٺي ڇڏيو آهي، پوليس موجب، حادثو ٽرالر  جي تيز رفتاري سبب پيش آيو.

ڪنڌڪوٽ ويجهو انڊس هاءِ وي تي ڪوچ ۽ موٽرسائيڪل ۾ ٽڪر جي نتيجي ۾ هڪ ڄڻو فوت ٿي ويو، جنهن جي سڃاڻپ نه ٿي  سگهي آهي…………….

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*