ڪراچي جي لانڍي واري علائقي ۾ ڪپڙي جي فيڪٽري کي لڳل باهه تي اڍائي ڪلاڪن جي ڪوششن بعد ضابطو آندو ويو آهي

Karachi-Landhi-Factory-Fire-10317

ڪراچي جي لانڍي واري  علائقي   ۾ ڪپڙي جي فيڪٽري کي لڳل باهه تي اڍائي ڪلاڪن  جي ڪوششن بعد ضابطو آندو ويو آهي، شهر جي مختلف علائقن مان گهرايل 16 فائر برگيڊز باهه تي ضابطو آندو.

لانڍي جي صنعتي  علائقي  ۾ ڪپڙي جي  فيڪٽري کي لڳل باهه کانپوءِ پورهيتن عمارت جي کڙڪين مان ٽپا ڏئي جان بچائي، جڏهن ته باهه لڳڻ سبب تمام گهڻو مالي نقصان ٿيو آهي.

فيڪٽري کي باهه لڳڻ جو ڪارڻ معلوم نه ٿي سگهيو آهي، فائربرگيڊ عملي موجب فيڪٽري کي لڳل باهه ٽئين درجي جي هئي.

فيڪٽري کي باهه لڳڻ کانپوءِ شهر جي مختلف علائقن مان گهرايل 16 فائربرگيڊز اڍائي ڪلاڪن جي ڪوششن بعد باهه تي ضابطو آندو، جنهن جي ڪولنگ جو عمل جاري آهي.

فيڪٽري کي باهه لڳڻ کانپوءِ لانڍي واري علائقي  ۾ دونهنين جا ڪڪر ڇانئنجي ويا.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*