سنڌ پوليس صوبي ۾ غيرقانوني طور ترسيل پرڏيهين خلاف ڪارروائين بابت آءِ جي سنڌ کي رپورٽ پيش ڪئي آهي

ad khuwaja ig sindh

سنڌ پوليس  صوبي ۾ غيرقانوني طور ترسيل پرڏيهين خلاف ڪارروائين بابت آءِ جي سنڌ کي رپورٽ پيش ڪئي آهي، رپورٽ موجب  سنڌ ۾ ڇاپن دوران 1301پرڏيهين کي گرفتار ڪري سندن خلاف 905 ڪيس داخل ڪيا ويا آهن.

سنڌ پوليس پاران آءِ جي سنڌ کي پيش ڪيل رپورٽ موجب ڪراچي ۾ عارضي طور رهائش واري ايڪٽ جي ڀڃڪڙي ڪرڻ تي ڪراچي ۾ 575 پرڏيهين کي گرفتار ڪيو ويو آهي.

سنڌ پوليس جي ترجمان موجب حيدرآباد رينج ۾  86 ڪيسن ۾ 236پرڏيهين کي گرفتار ڪيو ويو، جڏهن ته ميرپور خاص رينج ۾  غير قانوني طور گرفتار ترسيل 13پرڏيهين کي گرفتار ڪري سندن خلاف ڪيس داخل ڪيو ويو آهي.

سنڌ پوليس جي ترجمام موجب   سنڌ ۾ ڇاپن دوران 1301پرڏيهين کي گرفتار ڪري سندن خلاف 905 ڪيس داخل ڪيا ويا آهن.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*