ڪراچي وڏي وزير جي اوطاق ناهي فيصل سبزواري

ايم ڪيو ايم، وڏي وزير قائم علي شاهه خلاف استحقاق واري رٿ آڻڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو،  فيصل سبزواري چيو آهي ته وڏي وزير کان صوبو ۽ پوليس نه پئي هلي، ڪراچي وڏي وزير جي اوطاق ناهي، خوجه اظهار الحسن چيو آهي ساده لباس پهريل ماڻهو ڪارڪنن کي کنڀڻ کانپوءِ قتل ڪن پيا، کين احتجاج ڪرڻ جي به اجازت نه ٿي ڏني وڃي.

سنڌ اسميبلي اجلاس ۾ وڏي وزير جي ڏنل بيان خلاف واڪ آئوٽ ڪرڻ کانپوءِ ميڊيا سان ڳالهائيندي فيصل سبزواري چيو ته هو ڪارڪنن جي قتل خلاف احتجاج کي گهيراءُ سڏيندڙن کي هاڻي احتجاج ڪري ڏيکاريندا.

 هن چيو ته هنن جمهوري طريقي سان احتجاج ڪري ڪارڪنن جي قاتلن جي گرفتاري جو مطالبو ڪيو، جنهن کي ٻيو رنگ ڏنو ويو.

فيصل سبزواري چيو ته ڪراچي وڏي وزير جي اوطاق نه آهي، ڪراچي جي بدمست ۽ بدعنوان پوليس سندن ڪارڪنن کي کنڀڻ کانپوءِ وحشياڻي اندز سان قتل ڪري لاش اڇلائي رهي آهي.

خواجه اظهار الحسن چيو ته ڪراچي ۾ ساده لباس پهريل ماڻهو ڪارڪنن کي کنڀي گم ڪرڻ کانپوءِ قتل ڪري رهيا آهن، جنهن کي سرڪار ٻڌڻ لاءِ تيار ئي نه آهي.

هن چيو ته سنڌ صوبي اندر ڪوبه اهڙو معاملو نه آهي، جيڪو عدالتن ۾ نه هجي، وڏي وزير کان صوبو ۽ ڪراچي نه پيو هلايو وڃي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*