وزيراعظم نواز شريف اڄ چين جي دوري لاءِ روانو

وزيراعظم نواز شريف اڄ چين جي دوري تي روانو ٿي رهيو آهي، جنهن دوران  10 هزار ميگاواٽ بجلي پيدا ڪرڻ ۽ گوادر بندرگاهه کي چين سان ملائيندڙ شاهراه جي تعمير سميت اربين ڊالرز جي ماليت جي معاهدن جو امڪان آهي.

وزيراعظم نواز شريف اڄ چين جي سرڪاري دوري تي روانو ٿيندو، جتي هو چين جي صدر زي جيانگ ۽ چيني هم منصب سميت ٻين سان ملاقاتون ڪندو.

دوري دوران وزيراعظم نواز شريف، پاڪستان ۾ هلندڙ چين جا منصوبا مڪمل ڪرڻ، اقتصادي راهداري ۽ انرجي سيڪٽر جي شعبن ۾ سيڙپڪاري تي زور ڀريندو.

وزيراعظم جي دوري دوران 10 هزار ميگاواٽ بجلي پيدا ڪرڻ ۽ گوادر بندرگاهه کي چين سان ملائيندڙ شاهراه جي تعمير سميت اربين ڊالرز جي ماليت جي معاهدن جو امڪان پڻ آهي.

چيني صدر جي پاڪستان جو دورو ملتوي ٿيڻ بعد وزيراعظم جي دوري کي انتهائي اهميت ڏني پئي وڃي ، ذريعن موجب، وزيراعظم چيني قيادت کي هڪ ڀيرو ٻيهر پاڪستان جي دوري جي دعوت پڻ ڏيندو.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*