سنڌ اسيمبلي ڪراچي کي 650 ميگا واٽ بجلي جي فراهمي جاري رکڻ سميت اهم ٺهراءُ منظور ڪري ورتا

سنڌ اسيمبلي ڪراچي کي 650 ميگا واٽ بجلي جي فراهمي جاري رکڻ، شهرن جي مُک شاهراهن ۽ چوڪن تي ڌرڻن تي پابندي ۽ هر ضلعي اندر برن سينٽرز قائم ڪرڻ وارا ٺهراءُ منظور ڪري ورتا.

سنڌ اسميبلي جو اجلاس اسپيڪر آغا سراج دراني جي صدارت هيٺ ٿيو، جنهن دوران ڪراچي کي 650 ميگا واٽ بجلي جي فراهمي جاري رکڻ، شهرن جي مُک شاهراهن ۽ چوڪن تي احتجاج ۽ ڌرڻا هڻڻ تي پابندي ۽ هر ضلعي اندر برن سينٽر قائم ڪرڻ وارا ٺهراءُ منظور ڪيا ويا آهن.

اجلاس مان ٽئي اهم ٺهراءُ منظور ٿيڻ وقت ايم ڪيو ايم جا ميمبر موجود نه هئا.

سوالن جوابن جي وقفي دوران متحده ميمبر هير سوهو سرڪاري کاتن ۾ ڀرتين جي معيار ۽ انهن کي جاري ڪيل پگهارن بابت ناڻيواري وزات کان تفصيل طلب ڪيا ويا.

ناڻي کاتي واري وزير مراد علي شاهه چيو ته بجيٽ ۾ سرڪاري کاتن ۾ نوڪرين جي واڌ بابت ڪوٽا لاءِ رقم رکي ويندي آهي، جنهن کانپوءِ سڄي سال دوران مختلف لاڳاپيل ادارا بجيٽ تحت ڀرتيون ڪندا رهندا آهن.

مراد علي شاهه چيو ته سمورن کاتن ۾ نيئن ڀرتين جا تفصيل اڪائونٽنٽ جنرل سنڌ کي اماڻي ويندا آهن، جنهن کانپوءِ مختلف کاتن کان تصديق ٿيل فهرستون لسٽون جاري ڪيون وينديون آهن.

فنڪشنل ليگ ميمبر مهتاب اڪبر راشدي چيو ته سنڌ وڏي عرصي کان بحرانن جي ور ڇڙهيل آهي، ڪنهن به هڪ فرد يا جماعت تي الزام مڙهل غلط آهي، ادادرن کي  بهتر ڪارڪردگي لاءِ سمورين ڌرين کي گڏجي ڪم ڪرڻو پوندو.

سوالن جوابن جي وقفي دوران سنڌ بئنڪ جي پاليسين ۽ ان پاران جاري ڪيل لونز بابت به اجلاس ۾ سوال جواب اٿاريا ويا، جنهن بابت ناڻيواري وزير مراد علي شاهه انهن سوالن جا جواب ڏنا.

ڊپٽي اسپيڪر مختلف بلن جي منظوري کانپوءِ سنڌ اسميبلي جو اجلاس جمعي تائين ملتوي ڪري ڇڏيو.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*